سنڌ

ڏوهاري کي مارڻ تان جرڳو،پوليس تي 43 لک روپيا ڏنڊ

پنوعاقل ۾ ڪجهه عرصو اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري سائينداد جتوئي واري معاملي جو جرڳو اظهر ڪماريو، وزير علي جتوئي ۽ وڏيري غلام مصطفى ابڙو جي سرپئنچي ۾ ٿيو. ايس ايڇ او ديدار ابڙو مٿان ڏوهاري کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو 43 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ايس ايڇ او ديدار ابڙي 5 لک روپيا ٿڏي تي ادا ڪيا. بقايا رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. ابڙا برادري جي چڱي مڙس غلام مصطفى ابڙو جي پٽ ايس ايڇ او ديدار ابڙي کي 43 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سکر شهر جي مرڪزي هنڌ حرا ميڊيڪل سينٽر جي سامھون جوابدار سائينداد جتوئي ناظم جاگيراڻي تي تيز ڌار ڪات سان حملو ڪري کيس قتل ڪيو هو، ناظم جاگيراڻي جي قتل ڪيس سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار سائينداد جتوئي کي ايس ايس پي عرفان سمون جي دور ۾ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو هو. جنهن جي خون جو ڏنڊ ايس ايڇ او ديدار ابڙي تي مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ مذڪوره جرڳي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button