سنڌ

پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ وڻڪاري مهم جي شروعات، ٻوٽا لڳايا ويا

حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ وڻڪاري مهم بابت هفتو ملهائڻ بابت ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ پبلڪ اسڪول جي گرلز سيڪشن ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پرنسپال عمران احمد لاڙڪ سميت شاگردياڻين ۽ استادن ٻوٽا لڳايا. ان موقعي تي ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ٻوٽا ماحول ۾ ايندڙ تبديلين کي منهن ڏيڻ جي سگھه رکن ٿا، تنهن ڪري وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائي معاشري کي سرسبز بڻائي قدرتي آفتن کان به بچي سگھون. هن چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي گھرن سميت هر هنڌ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ٻوٽو ضرور لڳايون. ان موقعي تي پرنسپال عمران احمد لاڙڪ چيو ته هر شاگرد کي اسڪول يا گهر ۾ هڪ ٻوٽو ضرور لڳائڻ گهرجي ته ايندڙ نسل کي صحتمند معاشرو ڏيئي ملڪ سرسبز بڻائي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button