سنڌ

ميرپورخاص ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن جو ڊائريڪٽر آفيس آڏو ڌرڻو

ايريگيشن کاتي ۾ آبپاشي عملدارن ۽ ضلعي انتظاميا خلاف پرماننڊ فيلڊ ليبر يونين نارا سرڪل جي سڏ تي يونين چيئرمين نور محمد مري، غلام مرتضيٰ لغاري، شوڪت چانڊيو، غلام محمد مري، جاويد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن ڊائريڪٽر نارا ڪنال جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو. اڳواڻن چيو تھ تازو آبپاشي کاتي ۾ ھڪ گريڊ کان 05 گريڊ جي آيل 375 نوڪرين کي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال، ٽنھي ڊويزنن جي انجنيئرن سميت ضلعي انتظاميا جي عملدارن پاران وڪرو ڪيو ويو آھي، ھن ڪڌي ڪم ۾ علائقي جا چونڊيل نمائندا پڻ ملوث آھن، جيڪا سراسر زيادتي آھي. جڏھن تھ انھن نوڪرين تي آبپاشي کاتي جي ملازمن جي اولاد جو حق آھي، صرف ڏيکا خاطر انٽريو ڪيا ويا. ھنن الزام ھڻندي چيو ته افغانين کي ڪوڙا ڊوميسائل ۽ ٻين ڪاغذن ذريعي نوڪريون وڪرو ڪري مقامي آبپاشي ملازمن جي حق تلفي ڪئي وئي آھي، جيڪا ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت نھ ڪئي ويندي. قانون موجب يونين جو 33 سيڪڙو حق آھي، ان بدران سفيد پوش ماڻھن پئسن عيوض ڀرتي ڪرڻ وارو عمل قانون کان مٿاھون عمل آھي. هنن مطالبو ڪيو ته وڪرو ڪيل نوڪرين جا آرڊر فوري طور رد ڪري مقامي ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن، ٻيصورت ۾ احتجاج طور نارا ڪئنال جو پاڻي بند ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button