پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ زمين تي قبضي ۽ تشدد خلاف ٿاڻي آڏو ڌرڻو

فريدآباد: فريدآباد ۾ ديهھ گھاڙي جاگير ۾ زرعي زمين تي قبضي ۽ جھيڙي جا جوابدر گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ الھڏنو تيوڻو جي رھواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن راجا مزمل خاصخيلي، سعيدان، زھران، حاڪم علي، زوار، ديدار خاصخيلي ۽ ٻين ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري 3 ڪلاڪ تائين ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي مظاھرين چيو ته جوابدار رفيق، سڄڻ، مرتضيٰ ۽ گلبھار خاصخيلي اسان جي 20 جريب ساريالي زرعي زمين تي قبضو ڪيو آھي، منع ڪرڻ تي جوابدارن گھر ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو آھي، جنھن جي اين سي فريدآباد ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي، پر 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نٿا ڪيا وڃن. ھنن ايس ايس دادو ۽ ڊي ايس پي ميھڙ کان گھر ڪئي ته جھيڙي جا جوابدار گرفتار ڪري اسان جي زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي. ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل ڌر جي مشتاق احمد خاصخيلي چيو ته زرعي زمين جو ريڪارڊ اسان وٽ آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button