سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو ٻارڙن سميت مالي سهائتا جي اپيل

لاڙڪاڻي ۾ رسول آباد جي رهواسي پورهيت معصوم ٻارڙن سان گڏجي مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت اصغر بوزدار معصوم ٻارڙن نغمه، سليمان، راول خان ۽ ماجد بوزدار سان گڏجي دانهيو ته مان پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هيس، ڪجهه عرصي کان بيماري سبب ٻئي ٻانهون ڪم نه ٿيون ڪن، جنهن ڪري بيروزگار بڻجي ويو آهيان. هن چيو ته مونکي رهڻ لاءِ پنهنجو گهر به ناهي، مسواڙ جي جڳھه ۾ رهندو آهيان، بيروزگاري، بيماري ۽ غربت سبب ٻچن کي تعليم نٿو ڏياري سگهان، جنهن ڪري ٻچا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button