سنڌ

قمبر ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لائي احتجاج

قمبر ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف 17 هين ڏينهن ڊي ايڇ او اسپتال اڳيان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن اصغر علي چنجڻي، علي نواز مغيري،علي بخش ميڻو، محمد رفيق منگي، محمد پنھل ميڻو، فيروز دين ڪلھوڙو، ضمير شيخ، مختيار جتوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته گذريل 17 ڏينهن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون، 22 تاريخ ڪراچي ۾ ڌرڻو ھنيو، جنهن بعد سي ايم هائوس وڃي رهيا هئاسين ته سيڪريٽري ھيلٿ ڳالھيون ڪري يقين ڏياريو ته سپورٽنگ اسٽاف جي ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف جو 10 ڏينهن تائين ورڪ اپ ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪنداسين پر ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود سيڪريٽري ھيلٿ جي واعدي تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، جيستائين اسان جا نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندا تيستائين اسان جو 2 ڪلاڪ او پي ڊي جو احتجاجي بائيڪاٽ جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button