سنڌ

شهدادڪوٽ ۾ پ پ شهيد ڀٽو جو گئس لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ڌرڻو

شهدادڪوٽ ۾ سوئي گئس لائين ۾ پاڻي ڀرجڻ ۽ هٿرادو لوڊشيدنگ خلاف پ پ (شهيد ڀٽو) پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ شهرين اناج منڊي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي منير بروهي، وزير علي کوسو، ذوالفقار مگسي، فيض مينگل، امجد قريشي، اطهر جروار، شبير کوکر، جبار جويو، گدا مستوئي، بلاول زهري، رمضان ٻٻر، ياسين عباسي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته گئس عملدارن جي ناانصافي سبب شهري گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، پريشر گهٽ هئڻ سميت گئس پائيپ لائينن اندر پاڻي ڀرجڻ ڪري سخت عذاب ڀوڳي رهيا آهن، جڏهن ته گئس پريشر گهٽ اچڻ هٿرادو لوڊشيڊنگ باوجود صارفين ڏانهن گئس جا ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا جيڪا وڏي زيادتي آهي، ڇاڪاڻ ته گئس نه هئڻ ڪري اڪثر ڪري گهرن اندر ڪاٺين جو استعمال ٿي رهيو آهي. سندن چوڻ هو ته گئس انتظاميا پاران ڊرٻ پاڙي جي نور محمدي اسڪول کان لائين اندر پاڻي ڀرجڻ جو جواز ڄاڻائيندي لائين ڪٽي ڇڏي آهي، جنهن کي درست نٿو ڪيو وڃي. هنن گهر ڪئي ته گئس لوڊشيڊنگ ختم ڪري پريشر وڌائي گئس لائين مان پاڻي نيڪال ڪرائي لائين بحال ڪري شهرين کي مشڪلات مان نجات ڏياري وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي تحريڪ هلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button