سنڌ

نواب ولي محمد واقعي جا جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش،رمانڊ تي پوليس حوالي

نواب ولي محمد ڀرسان ديھه ٻنڀائي ۾ پوليس جي موجودگي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل پنجن ڄڻن معشوق ڀنڊ، ٽوهه فقير، اياز ڀنڊ، اڪمل ڀنڊ، صابن ڀنڊ ۽ پوليس آفيسر عبدالحميد کوسو جي قتل ۾ گرفتار جوابدارن مشتاق ماڃوٺو، غلام شبير زرداري، لطيف مري، مقيم خاصخيلي، غلام مصطفيٰ مري، اميد علي زرداري ۽ برڪت علي زرداري کي مرزا پور ٿاڻي جي پوليس سخت سيڪيورٽي ۾ نوابشاهه ۾ قائم دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدارن کي 10 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 8 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button