سنڌ

تحريڪ انصاف جو سنڌ حقوق مارچ گهوٽڪي مان شروع

پي ٽي آ جو سنڌ حقوق مارچ سنڌ – پنجاب بارڊر ڪمون شهيد کان شروع ٿي ويو، جيڪو 27 ضلعن مان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي پهچندو. مارچ کان اڳ ۾ پي ٽي آ جو صوبائي اڳواڻ ارباب غلام رحيم، وفاقي وزير علي زيدي، مبين خان جتوئي، وفاقي وزير اسد عمر، حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جو قافلو سنڌ پنجاپ بارڊر تي پھتو، جتي پرڏيهي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي ھيلي ڪاپٽر ذريعي پھتو، جنھن جو قافلي ۾ موجود ھزارين ماڻھن ۽ غوثيه جماعت جي ماڻھن شاندار استقبال ڪيو ۽ گل نڇاور ڪيا. سنڌ حقوق مارچ جو ريتي، اوٻاوڙو، ڏهرڪي، ميرپورماٿيلو ۽ گهوٽڪي ۾ ڪارڪنن شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي پي ٽي آ اڳواڻن وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، حليم عادل شيخ ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت جي ناقص پالسين سبب سنڌ جا ماڻهو پ پ سرڪار جي لٽمار ۽ ڪرپشن واري نظام کان تنگ اچي چڪا آهن. شاہه محمود قريشي خطاب ڪندي چيو ته ڪمون شهيد جي ماڻهن شاندار استقبال ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ تبديلي جو آغاز ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button