سنڌ

لاڙڪاڻي واسين جو نوجوان جي مبينا اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي لطيف ڪالوني واسين مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي ۽ بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان منير احمد کهڙو پنهنجي پيءُ ڌڻي بخش کهڙو، ڀائرن احمد بخش، اقبال احمد کهڙو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجي ڏاڏي ڄامل خاتون جي نالي ڳوٺ ويجهو 22 ايڪڙ 7 گهنٽا زرعي زمين تي ٽن سالن کان گمبٽ واسي بااثر عبداللطيف، شمن علي، فياض کهڙو ۽ ٻين قبضو ڪيو آهي. هن الزام لڳايو ته بااثر زمين تان هٿ کڻڻ لاءِ ڀاءُ زاهد کهڙو کي چار ڏينهن اڳ اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس بااثرن جي ونگار وهندي ڪا ڪاروائي نه ڪئي، جنهن ڪري ڀاءُ جي حياتي کي خطرو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڀاءُ کي بازياب ڪرائي بااثرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button