سنڌ

”علاج ڪرايو“ رتيديري ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي پورهيت جو احتجاج

6 ڏينهن اڳ رتوديرو _ شهدادڪوٽ روڊ تي ڪار ۽ گڏه گاڏي ۾ ٿيل ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ محمد خان جلباڻي جي رهواسي ڳوٺاڻي راحب جلباڻي پنهنجي زال نورجهان ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته مان معصوم ٻارڙن ساجد علي ۽ نائلا سان گڏهه گاڏي تي ڳوٺ اچي رهيو هيس ته هڪ ڪار گڏهه گاڏي کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي هڪ ڄنگھه ڀڄي پئي ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا. هن چيو ته ڪار سوار گھوٽڪي سان تعلق رکندڙ هندو ٻڌايا پيا وڃن، جن کي رتوديرو پوليس ڪار سميت تحويل ۾ ورتو هو، جن بعد ۾ مون کي اهو آسرو ڏنو ته تنهنجو علاج ڪرايون ٿا پر پوليس سان ڏيتي ليتي ڪري اهي پنهنجي جان آجي ڪرائي هليا ويا پر مان غريب علاج ڪرائڻ لاءِ پريشان آهيان. هن چيو ته مون سان انصاف ڪري منهنجو علاج ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button