سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جو نواب ولي محمد واقعي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران نواب ولي محمد واقعي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي. ان موقعي تي اڳواڻن ضلعي صدر نظر علي مغيري، نثار احمد لاشاري ۽ ٻين چيو ته 25 ڏينهن اڳ زمين جي تڪرار تان نواب ولي محمد جي ديھه ٻنڀاڻي ۾ ڀنڊ ذات جي 5 هارين کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، جنهن واقعي جو ڪيس حد جي ٿاڻي تي داخل آهي پر هن وقت تائين پوليس واقعي ۾ ملوث مُک جوابدار محسن علي زرداري سميت ٻين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن ڪري مقتولن جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي ويتر کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث مُک جوابدار محسن علي زرداري سميت ٻين قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي مقتولن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button