سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رٽائرڊ ريلوي ملازم جو سئوٽن تي ملڪيت ڦٻائڻ جو الزام

خيرپور ناٿن شاهه واسي رٽائرڊ پيرسن ريلوي اسٽيشن ماسٽر سيد ذوالفقار شاهه پنهنجي پٽن سيد ڪاشف شاهه ۽ سيد نجف شاهه سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجي ڏاڏي سيد پير شاهه جي نالي تي خيرپور ناٿن شاهه ۾ پير شاهه شاپنگ سينٽر ۽ ان ڀرسان 24 دڪان ۽ ٻه جڳهون ٺهيل آهن جن جي ماليت ڪروڙين روپين جي آهي، جن ۾ منهنجي والد سميت ٻه چاچا سيد غلام علي شاهه ۽ سيد خادم شاهه حصيدار آهن. هن الزام لڳايو ته آئون رٽائرڊ ريلوي اسٽيشن ماسٽر آهيان ۽ نوڪري دوران 20 سال اڳ منهنجو والد سيد حسين شاهه عرف سيد مور شاهه فوت ٿي ويو هو. هن الزام لڳايو ته منهنجي سئوٽن صابر شاهه، ڀاءُ زاهد شاهه، معظم شاهه، قربان علي، مجاهد علي شاهه، اظهر شاهه، سفير شاهه ۽ ٻين ڏاڏي جي ملڪيت تي قبضو ڪري مون کي پنهنجو حصو نه پيا ڏين، ويتر ذاتي ملڪيت کي به پنهنجو ملڪيت سمجهي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن خلاف خيرپور ناٿن شاهه پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس ڪارروائي لاءِ تيار ناهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ملڪيت مان حصو ڏئي بااثر سئوٽن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button