سنڌ

رتوديرو مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لائي مظاهرا

رتيديري مان 9 ڏينهن اڳ ڪراچي پوليس پاران چڙهائي ڪري 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف رتيديري ۽ لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن علي مراد ناريجو، امداد عباسي، اشتياق شاهه، امداد علي انڙ، اياز جاگيراڻي، بشير احمد جتوئي ۽ ٻين چيو آهي ته دعا منگي جي اغوا واري ڪيس ۾ ڪراچي مان فرار ٿيل زوهيب قريشي واري معاملي ۾ 19 فيبروري تي رات جو ڪراچي پوليس رتوديرو جي موٽڻ پور ۾ چڙهائي دوران چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪري رتوديرو ٽيڪنيڪل ڪاليج جي پرنسپال منظور قريشي سندس 6 ڀائرن رائيس مل مالڪ عبدالفتاح قريشي، محمد قاسم قريشي، غازي خان قريشي، مظهر علي قريشي، فهد قريشي ۽ محمد جمن قريشي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جن کي اڄ 9 ڏينهن ٿي ويا پر انهن جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڪري سندن معصوم ٻارڙا، گهر ڀاتي، مٽ مائٽ ۽ دوست سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن. ٻئي طرف کنڀي گم ڪيلن جي معصوم ٻارڙن پنهنجي والدين جي آزادي لا نائين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. ان موقعي تي معصوم ٻارڙا عليشا، محمد حسين، نتاشا، حليمان، رحمت الله، عبدالله، مبارڪ، معز قريشي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان هڪ ڪلاڪ تائين علامتي بک هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو. هنن دانهيندي چيو ته اسان جي گھر جي 7 فردن کي ڪراچي پوليس گرفتار ڪري 9 ڏينهن کان گم ڪري ڇڏيو آهي جن کي اڃا تائين ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي. ٻارڙن جو چوڻ هيو ته جنهن گھر جا سڀ وڏا غائب ٿيل هجن انهن گھرن جي حالت ڇا هوندي اسان معصوم ٻارڙا به پنهنجي والدين جي جدائي جو عذاب ڀوڳي رهيا آهيون پنهنجي والدين جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ان باوجود ڪو عمل نه ٿو ڪيو وڃي. ٻارڙن جو چوڻ هو ته اسان جي احتجاجن جو نوٽيس ورتو وڃي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل والدين کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button