پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ 434 اميدوارن ۾ پي ايس ٽي جا آفر آرڊر ورهايا ويا

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي جي ماستري ٽيسٽ پاس ڪندڙ 739 اميدوارن مان 434 اميدوارن کي پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر ڏنا ويا. سورهيه بادشاهه ڪامپليس هال ۾ تعليم کاتي پاران آئي بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي اميدوارن آفر آرڊر ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن کي خطاب ڪندي ڊي سي عمرڪوٽ طاهر علي ميمڻ چيو ته حڪومت سنڌ پاران تعليم کاتي ۾ استادن کي نج ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏيڻ خوشي جهڙي ڳالهه آهي. ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي آهي، پر سنڌ حڪومت طرفان ميرٽ جي بنياد تي نياڻين ۽ نوجوانن کي پي ايس ٽي جا آفر آرڊر ڏيڻ بهترين قدم آهي، جنهن سان تعليمي نظام ۾ بهتري ايندي. ڊي سي عمرڪوٽ طاهر علي ميمڻ وڌيڪ چيو ته نج ميرٽ تي ڀرتين سان تعليمي معيار ۾ گهڻي بهتري ايندي، هڪ استاد جو معاشري ۾ تمام گهڻو ڪردار آهي. هن چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪاپي ڪلچر واري نظام کي ختم ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي تقريب کي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر پرائمري ميرپوخاص ديدار حسين جلباڻي خطاب ڪندي چيو ته هڪ استاد جيترو ئي پنهنجي محنت ۽ حوصلي سان ٻارن کي تعليم ڏيندو، اوترو ئي هو بهتر نتيجا ماڻي سگهي ٿو. هن چيو ته استاد کي پنهنجي اسڪولن جي بهتري ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ وڌ ۾ وڌ محنت ڪرڻ گهرجي. هن آفر آرڊر وٺندڙ نياڻين توڙي نوجوانن کي هدايت ڪئي ته پنهنجي ذميواري احسن طريقي سان ادا ڪن. ڊي او سيڪنڊري بلاول احمد ڪنڀر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪل 739 جنهن ۾ 551 ميل ۽ 188 فيميل اميدوارن کي پي ايس ٽي جا آفر آرڊر ڏنا ويندا، جن مان اڄ تعلقي عمرڪوٽ جي ڪل 434 اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن، جن ۾ 364 نوجوان ۽ 70 نياڻيون شامل آهن. ان موقعي تي آفر آرڊر وٺندڙ نياڻين ۽ نوجوانن به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ اعزاري مهمانن ۾ ايڊمنسٽريٽر آفيسر تعليم کاتو ميرپورخاص محمد اسحاق، ڊي او پرائمري رامچند اوڏ، چيف مانيٽرنگ آفيسر عمرڪوٽ حنين شاهاڻي، محمد اقبال پلي، مير حسن آريسر، پروين شاهه، چئني تعلقن جي ٽي اي اوز، ڪامريڊ رسول بخش رحمداڻي، امتياز هاليپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button