پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ زمين تي قبضي خلاف ڪلوئي واسين جو احتجاج

نئون ڪوٽ: ڪلوئي جي رھواسين پيرسن ايوب ملاح ۽ لقمان ملاح پريس ڪلب نئون ڪوٽ پھچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته تپو مھراڻو 22 ميل موري وٽ اسان جي وڏن علي محمد ملاح، گل حسن ملاح ۽ عثمان ملاح عرف ملانجي جي کاتن ۾ ھڪ بلاڪ زرعي زمين تي جميل رانگڙ جو قبضو آهي، قبضي بعد بااثر ماڻھن کي اھا زمين وڪرو ڪري ڏني آهي، جتي ھن وقت شادي ھال به ٺھيل آهي، اسان مزدوري سانگي ڪڍڻ ۾ ھن وقت بنگالين وٽ يڪسالي جي بنياد تي ھاري آھيون، تپي مھراڻو جي تپيدار وٽ چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون، پر روينيو عملدار رڪارڊ کولي زمين جا ڪاغذ ڪڍي ڏيڻ لا وڏي رشوت طلب ڪري رھيو آهي. هنن ڊي سي ٿرپارڪر ۽ مختيارڪار ڪلوئي کان گھر ڪئي ته زمين تان بااثرن کان قبضو ڇڏائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button