پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ جهول پوليس خلاف عورتن جو مظاهرو

سانگھڙ: سانگهڙ ۾ کوسا برادري جي عورتن ۽ ٻارن ٽائرن کي باھيون ڏئي ميرپورخاص روڊ بند ڪري پريس ڪلب آڏو جھول پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورتن الزام ھڻندي چيو ته ايس ايڇ او جھول ۽ پوليس اھلڪار اسماعيل گوپانگ اسان جي چار نوجوانن يونس، دين محمد، سڪندر ۽ ابراھيم کي 10 ڏينهن اڳ ھوٽل تان کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جو اسان کي اڃا تائين پتو نه پئجي سگھيو آهي ته اهي ڪٿي آهن. هنن گهر ڪئي ته نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جھول نياز ڪلھوڙو ٻڌايو ته عورتن جي الزامن ۾ صداقت ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button