رتيديري ۾ شھيد مقصود قريشي جي سالگرهه تقريب ملهائي وئي. رتوديرو ۾ جسقم جي اڳوڻي مرڪزي پارٽي ترجمان شھيد مقصود قريشي جي 51 ھين سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڪارڪنن سان گڏ ريلي جي صورت ۾ شھيد جي مزار تي پھتو، جتي ھن مزارن مٿان گلن جون چادرون چاڙھيون. ان موقعي تي جسقم چيئرمين سان مقصود خان قريشي جا پٽ محمد سعد، سوراج قريشي ۽ جسقم اڳواڻ مومن سمون، عزيز شيخ، يعقوب عارباڻي ۽ ٻيا گڏ ھئا. جسقم چيئرمين صنعان قريشي مزار آڏو سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، جنهن بعد راڳ رنگ جي محفل به ٿي. فنڪار محسن نوناري قومي گيت ڳايا. ان موقعي تي ڳالھائيندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته شھيد مقصود قريشي کي مظلوم قومن جي آواز اٿارڻ واري ڏوهه ۾ شھيد ڪيو ويو، اسان کيس سلام پيش ڪريون ٿا. ھن چيو ته ھن وقت سنڌ سورن ۾آھي، جنهن لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close