اوٻاوڙو ۾ پ پ سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر ۽ پي ٽي آ جي منحرف ايم پي اي مير شهريار شر جا حمايتي آمهون سامهون اچي ويا. اڳواڻن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي لانگ مارچ جي استقبال لا ڌار ڌار بينر ۽ پينافليڪس لڳائي ڇڏيا. پيپلز پارٽي تعلقي صدر مختيار احمد دايو ڄام مهتاب حسين ڏهر جي حمايت ۽ جنرل سيڪريٽري نظر حسين چارڻ شهريار شر جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيا. اڳواڻن هڪٻئي خلاف سوشل ميڊيا تي بيان بازي شروع ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پ پ اوٻاوڙو تعلقي جي صدر مختيار احمد دايو جي گهر ميٽنگ ٿي، جنهن جي صدارت ضلعي گهوٽڪي جي سينيئر نائب صدر محمد يوسف ڀٽو ڪئي، جنهن ۾ تعلقي اوٻاوڙو جي انفارمیيشن سيڪريٽري وزير احمد دايو، جنرل سيڪريٽري نظر حسين چارڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايم پي اي شهريار شر يا سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر جي اڳواڻي ۾ استقبال بابت اختلاف کلي سامهون اچي ويا. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب اجلاس ۾ انفارميشن سيڪريٽري وزير احمد دايو ايم پي اي شهريار شر جي بنگلي تي ويندڙ پ پ تعلقي اوٻاوڙو جي عهديدارن کي غدار قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ تعلقي جي جنرل سيڪريٽري نظر حسين چارڻ پي ٽي آئي ايم پي اي شهريار شر جي صف ۾ شامل ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close