گهوٽڪي جي ميمڻ پاڙي ۾ رهواسي علي رضا ميمڻ فوت ٿيڻ بعد وارث سندس مڙهه دفنائڻ لا گهوٽڪي جي خاڪي شاہه قبرستان کڻي پهتا ته هڪ مذهبي جماعت جي ماڻهن اعتراض ڪري تدفين کان روڪي ڇڏيو، جنهن کانپو ڌرين ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي، هڪٻئي کي ڌڪا ڏيڻ ۽ پٿر هڻڻ سبب 3 ڄڻا قائم الدين، معشوق علي ۽ ثابت علي زخمي ٿي پيا، جنهن کانپو رهواسين سلیمان ميیمڻ، قربان ميیمڻ، عبدالرشیيد ميیمڻ جي اڳواڻي ۾ ڊي ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان لاش رکي ڌرڻو هڻي مذهبي جماعت جي اڳواڻ خلاف ڪارروائي جي اپيل ڪئي، جنهن کانپو ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري مڙهه کي ساڳي قبرستان ۾ ٻئي هنڌ دفنائڻ تي راضي ڪيو، جنهن کانپو فوتي همراهه جو مڙهه ساڳي قبرستان خاڪي شاهه قبرستان ۾ دفنايو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close