سنڌ

سنڌ حڪومت ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن:شاهه محمود قريشي

پاڪستان تحريڪ انصاف جو پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت خلاف نڪتل سنڌ حقوق مارچ لاڙڪاڻي کان خيرپور جي ٽنڊو مستي، هڱورجا، پير وسڻ ۽ ٻين شهرن کان ٿيندو نواب شاهه پهتو. سنڌ حقوق مارچ جو مختلف شهرن ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو. مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، پي ٽي آ سنڌ جي صدر علي زيدي، ارباب علام رحيم، سيد ڪاظم علي شاهه، جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي، سيد غوث علي شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شاهه محمود قريشي چيو ته ڏھن سالن کان آئون سنڌ جي خراب صورتحال ڏسي رهيو آهيان، ماڻھن جي مايوسي ۽ بدحالي ڏسي رهيو آهيان. سنڌ جا پٽ ۽ نياڻيون ٻڌن. تقدير بدلائڻ اوھان جي اختيار ۾ آھي. 15 سالن کان ڦرلٽ ۽ ظلم برداشت ڪيو آھي. وڌيڪ ظلم جي چڪي ۾ پيسجڻ چاھيو ٿا. سنڌ جي مستقبل جو فيصلو سنڌين کي ڪرڻو آھي. آزمايل کي ڪيترو آزمائيندا. تبديلي اوھانجي ھٿ ۾ آھي. جيئن پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ماڻھن تبديلي آندي. ن ليگ، اي اين پي ۽ جي يو آ کي شڪست ڏئي تبديلي آڻي ڏيکاري، ائين سنڌ جو نوجوان به تبديلي آڻي سگھي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button