سنڌ

موهن جو دڙو جي در سامهون دنيا جي دريائن جي نقشي وارو ڪم شروع

سنڌ جي تاريخي ماڳ ۽ قديم آثار موهن جو دڙو جي مرڪزي گيٽ سامهون ثقافت کاتي پاران پوري دنيا جي دريائن جو مرڪزي ميپ نقشي جو نمايان عڪس سميٽيڊ بنيادن تي ٺاهيو پيو وڃي. جنهن ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جي دريائن جو نقشو ڄاڻايل آهي. انهي کان سواءِ موهن جي دڙي تي مختلف حصن ۾ تاريخي آثارن کي سانڍڻ محفوظ ڪرڻ جو عمل جاري آهي. موهن جو دڙو تي سياحت ڪندڙ محمود ابڙو، جاويد ڀٽو، فرحان پيرزادو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو آهي ته موهن جو دڙو جي انٽري گيٽ تي ٺيڪيداري نظام ترتيب ڏيڻ سبب پري پري کان سياحت ڪرڻ وارن کان فيمليز سميت ننڍن ٻارڙن کان زبردستي ٽڪيٽون ورتيون وڃن ٿيون ۽ ايڏي وڏي قديم ماڳ تي ملڪ توڙي پرڏيهه مان ايندڙ سياحن لاءِ ٿڌي پيئڻ جي پاڻي جي ڪا سهولت موجود ناهي، جنهن ڪري پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري اڪثر ماڻهو پيئڻ جو پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته هن ايڏي وڏي تفريح گاهه تي کاڌي پيتي، چانهه، پاڻي جي لاءِ هوٽل ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي. باقي رهائشي ريسٽورنٽ جي اتي ڪا ضرورت ناهي. موهن جو دڙو تي ايندڙ سياحن دانهيندي چيو ته دنيا جي هن قديم آثارن کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو پنهنجي فيميلز سان اچن ٿا پر هتي ته هاڻي باغن، پارڪن ۾ ڇٻر به ڪونهي ۽ نه ئي وري سياحن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون، بئنچون وغيره سرڪاري طرح رکيل آهن جو ماڻهو ڪجهه گهڙيون سڪون سان هتي اچڻ بعد ويهي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button