سنڌ

خانپور ۾ ڳوٺاڻن جو معصوم ٻارڙن سميت پوليس خلاف احتجاج

خانپور جي ڳوٺ امام بخش بروهي جي رهواسين عبدالعزيز، سفير احمد، ناز خاتون، رضيه، لال بيبي سميت معصوم ٻارڙن ڪلام پاڪ کڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو آهي ته رحيم آباد ۾ قتل ٿيل مسجد جي پيش امام محمد حنيف بروهي جي قتل ۾ اسان جو ڪو هٿ ناهي، پوليس احسان الله، محمد نواز، الله ڏنو بروهي، اشفاق احمد، حاجي بروهي، سفير بروهي کي گرفتار ڪري کنڀي سخت تشدد ڪيو. هنن الزام لڳايو ته پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري انهن مٿان قتل ڪيس داخل ڪري گرفتار ٿيلن سفير بروهي کان 80 هزار رشوت وٺي آزاد ڪيو. هنن چيو ته اسان عورتون مقتول حنيف بروهي جي وارثن وٽ قرآن شريف کڻي وياسين ته اسان جا مرد قتل ۾ ملوث ناهن پر انهن به اسان جي هڪ به نه ٻڌي. هنن چيف جسٽس، آ جي سنڌ، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي بيگناهه گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button