سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ميڙمنٿ قافلي پهچڻ تي وارثن خون معاف ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ويجهو لاشاري ٿاڻي جي حد رتوديرو روڊ تي 24 فيبروري تي بولان گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نوجوان فهيم عباسي جي وارثن وٽ الزام هيٺ آيل ڌر بروهي ذات جا ماڻهو ميڙ منٿ قافلو کڻي فوتي جي تڏي تي پاڙي مينهل آباد پهتا جڏهن ته فوتي جي والد محمد علي عباسي، ڀا وسيم عباسي، زبير عباسي نديم عباسي، ممتاز علي کرل ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي کين بخش ڪري ڇڏيو. فوتي جي وارثن الزام هيٺ آيل ڌر اڳيان شرط رکندي موقف اختيار ڪيو ته ميڙ منٿ قافلي ۾ 200 ماڻهو شامل هوندا جنهن ۾ 5 حافظ قرآن لازم هجن، جيڪي ٻپهري جي نماز ادا ڪرڻ بعد ختمه شريف ۽ نماز جو ثواب فوتي جي روح کي بخشيندا. اهڙي شرط قبول ڪرڻ بعد فوتي فهيم عباسي جي وارثن ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي معاف ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پاران خيرات في سبيل الله ماني جو بندوبست ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button