سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ معذور نوجوان جو مالي سهائتا لائي احتجاج

لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني جي رهواسي معذور نوجوان مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي معذور نوجوان عبدالقدير عباسي دانهيندي چيو ته منهنجو پي غلام مصطفيٰ عباسي پيپلزپارٽي جو جيالو ۽ هر وقت شهيد بينظير ڀٽو سان گڏ هوندو هو. هن چيو ته هڪ ڄنگهه کان معذور هجڻ ڪري پورهيو نٿو ڪري سگهان ۽ گهر جو ڪرايو به نٿو ڏيئي سگهان. هن چيو ته نثار کهڙو ۽ ٻين اڳواڻن اڳيان دانهون ڪيون ته منهنجو پي جيالو هو، جيڪو هاڻي دنيا ۾ ناهي رهيو پر ان باوجود ڪير مدد ڪرڻ لا تيار ناهي. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته منهنجي مالي سهائتا ڪرڻ سميت ڪو روزگار ڏياريو وڃي ته جيئن گهرڀاتين جو پيٽ پالي سگهان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button