سنڌ

جروار ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل

جروار ڀرسان نامعلوم هٿياربند نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. خبر موجب جروار ويجهو ڳڙهي چاڪر جو رهواسي نوجوان منير بوزدار پنهنجي ڳوٺ ڀرسان زمين تي بيٺو هوته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. ڳوٺاڻا فائرنگ جي آواز تي گهرن کان ٻاهر نڪتا ته هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. زخمي نوجوان کي نازڪ حالت ۾ وارث سول اسپتال ميرپورماٿيلو کڻائي پهتا، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اهڙو اطلاع جروار پوليس کي ڏنو ويو، جيڪا واقعي واري هنڌ پهتي. ٻئي طرف مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن مقتول نوجوان جي ڀا سهتو بوزدار ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي برادري جي ماڻھن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان منهنجي ڀا کي قتل ڪيو ويو آھي. جڏهن ته جروار پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول جا وارث ڪنفرم نٿا ڪن ته ڪنهن قتل ڪيو آھي. اڃا تائين ڪارڻ به معلوم نه ٿي سگهيو آھي ته نوجوان کي ڪهڙي مسئلي تي قتل ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button