سنڌ

اڳوڻي وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي کي غدار چوڻ خلاف مظاهرا

اڳوڻي وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي کي غدار چوڻ خلاف اين پي پي ڪارڪنن ۽ آل جتوئي اتحاد جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو. ان ڏس ۾ قاضي احمد ۾ ڪامريڊ ممتاز علي جتوئي، ڪامريڊ جاويد جتوئي، ڪامريڊ حاجي خان جتوئي، سجاد جتوئي ۽ ٻين اڳوڻي صوبائي وزير ضيا الحسن لنجار خلاف ايڊمور پمپ کان ريلي ڪڍي تعلقي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. مورو ۾ لالا عتيق الرحمان پٺاڻ، محمد اسحاق ڪورائي، عزيز احمد سولنگي، علي بخش عرف نانو ڪلھوڙو، جھانگير خان سولنگي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جتوئي خاندان ھميشھ شرافت امن واري سياست ڪئي آھي. غلام مصطفي خان جتوئي ملڪ جي دفاع ۽ عوام لاءِ ڪردار ادا ڪيو ھو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي رھيو، جنھن انھن جو ڀرپور ساٿ نڀايو ۽ پنھنجي سياست ۾ ڪڏھن به غلط الفاظ نه ڳالهايو پر ان جي خلاف غلط الفاظ ڳالھائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا‏. هنن مطالبو ڪيو ته غلام مصطفيٰ جتوئي خلاف ڳالهايل غلط لفظ واپس ورتا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button