سنڌ

پي ٽي آ ايم پي اي شهريار شر جو پ پ ۾ شموليت جو اعلان

گهوٽڪي مان پي ٽي آ جي ٽڪيٽ تان چونڊيل منحرف صوبائي اسيمبلي جي ميمبر شهريار شر وڏي جلوس سان گڏ گهوٽڪي پهچي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي مارچ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد کيس بلاول ڀٽو زرداري جي ڪنٽينر تي گهرايو ويو، جتي هن خطاب ڪندي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. شهريار شر چيو ته اڳ ۾ مان نااهل ۽ ڪرپٽ ماڻهو جو حصو هئس، جڏهن هن چيو ته سنڌ اسان جي ناهي، ان وقت مان هن کي ڇڏي ڏنو. جيڪڏهن سنڌ صوبو تنهنجو ناهي ته سنڌي عوام به تنهنجي ناهي. هن چيو ته جيڪا پارٽي سنڌ ڌرتي سان غداري ڪري ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري انهن سان حلالي پٽن جو هلڻ مشڪل آھي، هاڻي منهنجو جيئڻ مرڻ پيپلزپارٽي سان آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button