سنڌ

ڏوھارين جي اي- ٽيگنگ لاءِ پوليس پلان جي منظوري

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عادي ڏوھارين جي اي- ٽيگنگ متعارف ڪرائڻ لاءِ پوليس پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنھن لاءِ پھرئين مرحلي ۾ اي – ٽيگنگ لاءِ 7500 ڏوھارين جي نشاندھي ڪئي وئي آھي. اھو فيصلو وڏي وزير اربع ڏينھن وزير اعليٰ ھائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، آءِ جي پوليس مشتاق مھر، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري محمد فياض جتوئي، گھرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، ڊي آءِ جيز شرجيل کرل، ناصر آفتاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرائم خلاف سندس گذريل اجلاس ۾ پوليس کي وسيع پيماني تي گشت شروع ڪرڻ ۽ اسٽريٽ ڪرائم خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي . ھن اھو پڻ چيو ته پوليس ۽ انتظاميا کي ھدايت ڪئي آھي ته اھي روڊن ۽ اھڙي طرح جي ٻين ھنڌن تان منشيات جي عادي ماڻھن کي ھٽائڻ شروع ڪن. تنھن تي ايڊيشنل آءِ جي پوليس ٻڌايو ته جنوريءَ کان 28 فيبروري تائين اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف 143 مقابلا ڪيا ويا، جن ۾ 15 ڏوھاري مارجي ويا ۽ 147 زخمي ٿيا. ھن وڌيڪ چيو ته 1446 ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو آھي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شھر ۾ گشت کي وڌايو ويو آھي ۽ انٽيليجنس بنياد تي ٽارگيٽڊ آپريشن پڻ شروع ڪيا ويا آھن، آءِ جي پوليس انڪشاف ڪيو ته 7500 ڏوھارين جي نشاندھي ڪئي وئي آھي، جيڪي يا ته ضمانت تي آھن يا وري مفرور آھن. قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وھاب چيو ته عادي ڏوھارين کي اي-ٽيگنگ واري قانون جو مسودو تيار ڪري معائني لاءِ موڪليو آھي. وڏي وزير عادي ڏوھارين جي اي-ٽيگنگ واري تجويز جي باضابطه طور منظوري ڏني ۽ قانون واري صلاحڪار کي ھدايت ڪئي ته ھُو ڪم کي تيز ڪري ته جيئن ڪابينا ۾ ان تي بحث ۽ منظوري ڏئي سگھجي. منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي مرڪز کي قائم ڪرڻ جي اڳڀرائي بابت ٻڌائيندي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھه چيو ته گلشن معمار ۾ ھڪ مناسب جاءِ جي نشاندھي ڪئي آھي، جتي منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي جو مرڪز بڻايو ويندو. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي ھدايت ڪئي ته ڄاڻايل سينٽر ۾ سموريون لاڳاپل سھولتون فراھم ڪيون وڃن تھ جيئن پوليس روڊن تان منشيات جي عادي ماڻھن کي پڪڙي بحاليءَ لاءِ اتي موڪلي سگھي. ھن چيو ته منشيات جي عادي ماڻھن جيڪي اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث آھن، انھن کي روڊن تان ھٽائڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آھي. عادي ڏوھارين جون ضمانتون رد ۽ پراسيڪيوشن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان ڳالھائيندي سيد مراد علي شاھه قانون واري صلاحڪار ۽ آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي ته ناميارن وڪيلن تي ٻڌل پينل کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن اھي ڏوھارين خلاف قانوني ڪارروائي ۽ انھن جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن. وڏي وزير پوليس کي ھاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ قابل خانگي وڪيلن ذريعي پراسيڪيوشن جو بندوبست ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي. ھن چيو ته مان ھڪ وڏي انگ ۾ وڪيلن کي ھڪ پينل ۾ رکڻ چاھيان ٿو ۽ ڪيس جي شڪايت ڪندڙ وٽ اھو اختيار ھوندو ته اھي سندن ڪيس جي ڪارروائيءَ لاءِ ان پينل مان ڪنھن به وڪيل جي چونڊ ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button