
ڏھرڪي ۾ سانڪو روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 13 سالن جو عبداللطيف شيخ موٽر سائيڪل تان ڪري پيو، جنهن تي سامهون ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جنهن کانپو نينگر جو لاش سندس گهر نيو ويو ته ڪھرام مچي ويو. هوڏانهن ڏھرڪي پوليس ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.