سنڌ

سکر ۾ مبينا ڏوهاري مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار

سکر پوليس مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري کي مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سکر پوليس جي ترجمان مير بلال لغاري جي جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلي دوران مختلف ڪيسن ۾ گھربل ڏوهاري سڌير کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي. گرفتار ڏوهاري خلاف مختلف ٿاڻن تي ڦر، چوري ۽ پوليس مقابلن جا ڪيس داخل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button