سنڌ

سکر ۾ اڄ جماعت اسلامي جو ڌرڻو لڳندو،سراج الحق پهچي ويو

جماعت اسلامي پاران مهانگائي، بيروزگاري ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي خلاف اڄ مرڪزي امير سراج الحق جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب اڳيان مينار روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. ان ڏس ۾ صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب ڌرڻي کي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، صوبائي امير محمد حسين محنتي، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. ان ڏس مولانا سراج الحق ڪالهه سکر پهچي ويو، جتي صوبائي اڳواڻ مولانا حزب الله جکرو، ضلعي امير سلطان لاشاري ايڊووڪيٽ ڪارڪنن سميت سندس آجيان ڪئي، جتان هو جعفرآباد بلوچستان ۾ رٿيل ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button