احتساب عدالت نثار کهڙو جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. خبر موجب پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پاران احتساب عدالت سکر ۾ داخل ڪرايل گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست جي شنوائي ٿي، ان دوران عدالت سندس ضمانت ۾ 6 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته نيب سکر پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن دوران گرفتاري کان بچڻ لاءِ هن احتساب عدالت مان ضمانت حاصل ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close