سنڌ

آ ايم ايف جي چوڻ تي ملڪ تباهه نه ڪيو وڃي:اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي ڄام صاحب ۾ زراعت بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس ٿي، جنھن جي صدارت اياز لطيف پليجو ڪئي، جڏھن ته ابراھيم بگٽي، مير منگي، علي مردان کوسو، اشرف پليجو، لال خان شر، خان سومرو، محبوب جوکيو، نادر لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ صحت، زراعت ۽ تعليم تباهه ٿي چڪي آھي. پشاور سانحي جي دهشتگردن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. پشاور سانحي ۾ ملڪ جا دشمن ملوث آهن، جيڪي پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي نٿا چاهين. پي ٽي آءِ، پ پ ۽ نواز ليگ جي قيادت کي پهرين ڏينهن ئي پشاور پهچڻ گهرجي ها. دشمن مسجدن ۽ امام بارگاهن کي نشانو بڻائي ملڪ ۾ فرقيواراڻي نفرت پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم ۽ سائنس جي ضرورت آهي. غربت ۽ بيروزگاري جي ڪري دهشتگردن کي مقامي ايجنٽ ملي وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪمران غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي کي پنهنجي ايجنڊا بنائين. هن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي حڪم تي ملڪ کي تباهه نه ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته يوڪرين ۽ افغانستان جي صورتحال خطي جي سياسي، دفاعي ۽ معاشي مفادن کي تبديل ڪري سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button