ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڪونڊو لاکو جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري نوجوان شڪيل لاکو قتل ٿي ويو، تعلقه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ته روڄ راڙو مچي ويو. اسپتال ۾ موجود مقتول نوجوان جي ڀا ممتاز لاکو ٻڌايو ته منهنجو ڀا پاڻي جي واري تي ويل هو ته سڱاوتي تڪرار تان برادري جي هٿياربندن حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close