سنڌ

”تحفظ ڏنو وڃي“ لاڙڪاڻي ۾ جوڙي جو احتجاج

خيرپور ضلعي جي علائقي رپڙي ڀارو جي ڳوٺ محلي سهتو جي رهواسڻ ناري صابره شيخ نئون ديرو ويجهو ڳوٺ ڦلپوٽا جي رهواسي نوجوان نبي بخش شيخ سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. جوڙي لاڙڪاڻو پريس ڪلب پهچي تحفظ لاءِ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ناري صابره شيخ مڙس نبي بخش شيخ سان گڏجي دانهيندي چيو ته منهنجا مائٽ منهنجي شادي زبردستي موالي سئوٽ زوهيب شيخ سان ڪرائي رهيا هئا، جنهن ڪري 10 مارچ تي گهران نڪري پنهنجي مائٽ نبي بخش شيخ سان پسند جي شادي ڪئي آهي، شادي بعد منهنجو والد محمد نواز شيخ، ڀاءُ شاهد شيخ، چاچا علي نواز شيخ، دلدار شيخ ۽ ٻيا مائٽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري اسان کي جاني خطرو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڌمڪيون ڏيندڙ مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button