رتيديري ويجهو پلاٽ جي تڪرار تان جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي سئوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب رتوديرو ويجهو لاشاري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ سکر واهه سناڻي ۾ پلاٽ جي تڪرار تان سئوٽ پنهنجي سئوٽ مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 38 ورهين جو صابر حسين پٽ محمد نواز سناڻي موقعي تي ئي قتل ٿي ويو. نوجوان جو لاش پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي لاشاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او نثار بروهي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٻنهي سئوٽن وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان جوابدار صدر الدين سناڻي پنهنجي سڳي سوٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين حد واري ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close