سنڌ

رتيديري مان کنڀي گم ڪيلن جي معصوم ٻارڙن جو احتجاج

رتيديري مان ڪراچي پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل 7 گهرڀاتين جي معصوم ٻارڙن پنهنجي والدين جي آزادي لا احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عليشا، محمد حسين، عبدالرافع، سونهن، محمد حسين، نتاشا، حليمان، مبارڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 24 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان چئن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته هي ڪٿان جو انصاف آهي جو اسان جي والدين کي ائين کنڀي کڻي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اسان جي والدين جو ڪنهن به ڏوهي سرگرمين سان پري جو واسطو ناهي پوءِ به انهن کي ڪراچي پوليس ناحق عتاب جو نشانو بڻايو آهي، اسان جو احتجاج 24 ڏينهن کان جاري آهي پر ڪنهن ذميوار اسان معصوم ٻارڙن جي احتجاج جو نوٽيس ناهي ورتو. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي والدين کي آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي ۾ جسقم ضلعي صدر عزيز الرحمان شيخ، اشرف ڪلهوڙو، قادر سنڌي، طارق ڪورائي، بشير جتوئي، زوهيب سومرو، راهب سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رتيديري مان 7 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چتا ڏيندي چيو ته رتوديرو مان کنڀي گم ڪيلن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button