سنڌ

ڪشمور ويجهو ڳوٺاڻن جو بااثر شخص خلاف احتجاج

ڪشمور ويجهو ڳوٺ خيرمحمد چانڊيو جي رهواسين بااثر شخص خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي امداد علي چانڊيو دانهيندي چيو ته ڪجهه سال اڳ گهرواري تي علي گل چانڊيو وارن ڪارنهن جي تهمت مڙهي هئي، روز جي جهيڙن کان تنگ ٿي اسان اوٻاوڙو ۾ سردار نهال خان چانڊيو وٽ پناهه ورتي هئي، جتي 6 مهينن بعد سچوا جي صدر عبدالمالڪ چانڊيو ۽ سردار نهال خان چانڊيو جي سرپئنچي ۾ فيصلو ٿيو هو، جنهن تي منهنجي گهرواري مٿان ڪارنهن جي تهمت جو الزام ڪوڙو ثابت ٿيو هو. علي گل وارا ڏوهي قرار ڏنا ويا هئا، هنن اسان مٿان حملو ڪيو جنهن ۾ يوسف چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن جو ڪيس ڪشمور ٿاڻي تي درج ٿيل آهي. ان موقعي تي مسمات نذيران صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته علي گل وارا زوري منهنجي 13 ورهين جي نياڻي جي 50 ورهين جي پوڙهي سان شادي ڪرائڻ چاهين ٿا، اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، اسان جي گهر مٿان فائرنگ ڪن ٿا، اسان جا رستا بند ڪيا ويا آهن. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، آ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button