نوشهروفيروز جي وڪيلن محمد علي شاهه، سيد ٻڍل شاھه سميت دڪاندارن تي دھشتگردي ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف شھرين ۽ دڪاندارن شاپ ڪيپرس ايسوسيئيشن جي سڏ تي جزوي ڪاروبار بند ڪري الله واري چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي غلام مصطفى راڄپر، ڊاڪٽر ڪاشف مصطفى ميمڻ، وزير وڳڻ، سيد بابر علي شاهه، مسلم ليگ ن جي صوبائي اڳواڻ زاھد علي رند ۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز جي شريف دڪاندارن ۽ وڪيلن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. ھنن چيو ته ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته حقيقت پڌري ٿي پوندي. ھنن چيو ته وڪيلن ۽ دڪاندارن تي داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي پاسي ضلع بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن محمد علي شاهه ۽ ٻڍل شاهه تي دھشتگردي ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن امر امتياز ميمڻ، عبدالرحيم عباسي، عبدالسلام لھراڻي ۽ اياز مري چيو ته وڪيلن تان دھشتگردي ايڪٽ جو ڪيس ختم ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close