نوشهروفيروز ۾ خوراڪ کاتي ڪڻڪ جون 90 هزار ٻورين گم ٿيڻ جي الزام ۾ 2 فوڊ انسپيڪٽر معطل ڪري ڇڏيا. خبر موجب خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي گودام پڊعيدن سميت 6 سينٽرن مٺياڻي، ابڙان، چيهو، پير صادق، ملهار راڄپر ۽ ٽي ايس بڙدي سينٽرن تان سال 21-2020 ۾ خريداري کانپوءِ 50 هزار جي لڳ ڀڳ ڪڻڪ جون ٻوريو گم ٿي ويون، جنهن جو نوٽيس وٺي خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري فوڊ انسپيڪٽر قاسم سولنگي کي معطل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته درٻيلو گودام تان پڻ 40 هزار جي لڳ ڀڳ ٻوريون گم ٿيڻ کانپو سيڪريٽري خوراڪ اتي مقرر فوڊ انسپيڪٽر برڪت علي مهيسر کي معطل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي ڊي ايف سي حسن علي مگسي ٻڌايو ته ڄاڻايل فوڊ انسپيڪٽرن کي سيڪريٽري خوراڪ معطل ڪري ڇڏيو آهي. انهن مٿان سال 21-2020 جي خريد ڪيل ڪڻڪ جون 90 هزار ٻوريون گم ڪرڻ جو الزام آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close