سنڌ

لاڙڪاڻي ۾قتل ثابت ٿيڻ تي پي ۽ پٽن سميت 4 ڄڻن کي عمر قيد

لاڙڪاڻي جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج نياز حسين سومرو جي عدالت ۾ قتل جي ڪيس جي شنوائي ٿي. جنهن دوران ڏوھه ثابت ٿيڻ تي قتل ۾ ملوث هجڻ جي ثابتي تي پيءُ ۽ پٽن سميت چئن ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي مٿن مجموعي طور تي 8 لک روپيا ڏنڊ لڳايو ويو. واضح رهي ته 28 نومبر 2014 تي پراڻي خوني تڪرار تان ڳوٺ ميهر گهانگهرو ۾ امام بخش ولد حبيب الله گهانگهرو کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن واقعي جو ڪيس مقتول جي پٽ امتياز گهانگهرو جي فرياد تي پيءُ، پٽن سميت چئن جوابدار سچل گهانگهرو، زاهد پٽ سچل، نويد پٽ سچل گهانگهرو ۽ سندن ساٿي لياقت گهانگهرو مٿان رتوديرو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ 2 جوابدار نويد ۽ زاهد گهانگهرو اڳ ئي جيل ۾ هئا ۽ 2 ڄڻا سچل گهانگهرو ۽ لياقت گهانگهرو آزاد هئا، جن جي عدالت سڳوري ضمانت رد ڪندي چئني جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي، جنهن بعد پوليس سزا ٻڌايل قيدين کي سينٽرل جيل لاڙڪاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button