سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊبل بينچ سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضن خلاف داخل پٽيشن جي شنوائي ڪئي، ان دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت ايراضي خالي ڪرائڻ وارن ڪيترن ئي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسرن کي قابضين خلاف ڪارروايون ڪرڻ تي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو سرڪاري وڪيل کان پڇيو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرڻ وارن آفيسرن کي ڇو معطل ڪيو ويو آهي. جسٽس امجد علي سهتو ان موقعي تي ريمارڪس ڏنا ته ائين ته آفيسر عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ کان ڊڄندا. هٽايل ڊي ايف او عبدالحليم ٻرڙو عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته مان قابضين خلاف نيب کي معلومات فراهم ڪئي ته مونکي معطل ڪيو ويو، جنهن تي جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فاريسٽ جي سڀني معطل ڪيل آفيسرن کي فوري بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻيلن جي ختم ٿيڻ سان ڪهڙا اثر ٿي رهيا آهن. ان حوالي سان وضاحت لاءِ سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ بعد ۾ ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close