سنڌ

شاهه لطيف يونيورسٽي جي سوين شاگردن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سوين شاگردن اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي ڪڍي يونيورسٽي جو مين گيٽ بند ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن جي اڳواڻي حنيف ميتلو، فقير جونيئر اقبال ھيسباڻي، آصف رند ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي شاگردن چيو ته اسان جا 6 مطالبا آھن، جن ۾ انتظاميا طرفان شاگردن مٿان داخل 7 ڪوڙيون ايف آ آر واپس ورتيون وڃن، ڪجھه ڏينھن پھريان انتظاميا طرفان ڪجھه شاگردن جي ايڊميشن ڪينسل ڪئي وئي هئي، اهو فيصلو واپس وٺي شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. يونيورسٹٽي پارڪنگ مان شاگردن جون چوري ٿيل 12 موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن. نااھل رجسٽرار، بداخلاق ھاسٽل پروويسٽ ۽ اسٽوڊنٽس افيئٔر جي سيٽ تي ويھاريل رٽائرڊ فوجي سپاهي کي ھٽائي شاگردن مان خوف ۽ حراس ختم ڪيو وڃي. بند ڪيل پوائٔنٽس بسون ٻيھر بحال ڪري شاگردن کي بچايو وڃي. شاهه عبداللطيف يونيورسٹٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن جا رزلٽ جلد ڏنا وڃن. ھنن چيو ته جيستائين اسان جا مطالبا تسليم نه ٿيندا، تيستائين احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button