لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن ۾ ٽين ڏينهن به حددخلين خلاف ڪاروايون جاري رهيون. اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جي اڳواڻي ۾ انڪروچمينٽ پوليس، ميونسپل عملي سبزي منڊي، شاهي بازار، سرهيه پڌر، ننڍي مڇي مارڪيٽ ۽ ٻين علائقن ۾ حددخلين خلاف ڪارروايون جاري رکيون، دڪانن اڳيان روڊن تي پيل سامان کڻايو ويو. ڪيترن ئي دڪاندارن کي حراست ۾ ورتو ويو. ان موقعي تي اي سي لاڙڪاڻو احمد علي سومرو ڳالهائيندي چيو ته شهر جي سمورن ڪاروباري توڙي مصروف ترين علائقن ۾ ٽريفڪ جام جون شڪايتون آهن جنهن ڪري آپريشن ڪيو آهي. آپريشن کان اڳ واپارين ۽ دڪاندارن کي ڪيترائي ڀيرا نوٽيس جاري ڪرڻ سان گڏ حددخليون هٽائڻ لاءِ آگاهي مهم هلائي وئي پر ان باوجود واپاري سهڪار نه پيا ڪن، اڄ ڀڃڪڙي ڪندڙ 6 دڪاندارن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪرڻ سان گڏ دڪانن ۽ فوٽ پاٿن تي رکيل سامان کڻايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close