نئون ديرو ويجهو پير ڳوٺ جي رهواسين بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رخسانه خاتون پٽ معظم علي عارباڻي، ڀاءُ محمد تسليم، ڄاٽي الطاف، ڀاڻيجي امجد ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته علائقي جي بااثر سلطان احمد ڪنڀر جي چرچ تي نئون ديرو جي ايس ايڇ او شاهد ميمڻ چادر چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد منهنجي چئن پورهيت پٽن راشد عارباڻي، رضوان، منظر ۽ عامر عارباڻي کي کنڀي کڻي ويو، جنهن بعد ٻن پٽن منظر ۽ عامر کي آزاد ڪري باقي ٻن پٽن کي گم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بااثر سلطان احمد ڪنڀر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جن مان گهرڀاتين کي جان جو خطرو آهي. خدشو آهي ته نئون ديرو پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي گرفتار پٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندي يا ڪوڙي مقاملي ۾ ماري ڇڏيندي، جنهن لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي پوليس ۽ بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏيارين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close