سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي وليد ٿاڻي جي حد يوسف آباد جي امير شاهه پاڙي ۾ مبينا بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل نوجوان رياض چانڊيو جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪندي انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت قاسم چانڊيو گهرواري وزيران خاتون، ڀيڻ مائي مٺي ۽ معصوم ٻارڙن سان دانهيندي چيو ته گذريل 3 شعبان تي علائقي واسين اسان کي در کڙڪائي اطلاع ڏنو ته تنهنجي پٽ رياض جو لاش پاڙي جي مسجد ۾ پيل آهي، جيڪو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي. هن الزام لڳايو ته پاڙي جي رهواسي قربان کرل ۽ سندس ساٿين پٽ رياض کي قتل ڪرڻ بعد ڪرنٽ جو ڊرامو رچائيندي لاش مسجد ۾ اڇلائي ڇڏيو، پٽ جي ڳچي ۾ پاتل چاندي جو هار ۽ ڪنگڻ قربان کرل جي گهر جي ديوار تان مليو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هن کي قتل ڪيو ويو آهي. واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وليد ٿاڻي ويس پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪا ناانصافي آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button