رتيديري ويجهو ڳوٺ عثمان انڙ ٻاهران ويٺل لاڏائو قبيلي جي ماڻن جي ڪکاون گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن ۾ عبدالنبي، الله بخش، واحد بخش، بابل، خان محمد، قربان ۽ جنيد بروهي جا گهر الهه تلهه سميت سڙي ويا. باهه لڳڻ سبب گھرن ۾ 40 مڻ اناج، سولر پليٽون، بيٽريون، موٽر سائيڪل ۽ ٻيو گھريلو سامان سڙي ويو. ان سلسلي ۾ متاثرن جو چوڻ هو ته اسان بلوچستان جي علائقي سوراب جا رهواسي آهيون ۽ هتي ٻچن جي پيٽ پالڻ خاطر مزدوري لا آيل آهيون. هنن چيو ته خبر نٿي پوي ته اسان جي گھرن کي باه ڪيئن لڳي آهي. متاثر خاندان عورتن ۽ ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن. هنن انتظاميا توڙي سرندي وارن کي واهر جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close