رتيديري ويجهو پرائمري استاد کان موٽر سائيڪل ڦرجي وئي. خبر موجب رتوديرو شهر ٻاهران قمبر باءِ پاس لاڙي وٽ پرائمري استاد غلام ياسين چانڊيو کان هٿياربند موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا. جڏهن ته ڦر واقعي خلاف رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي صدرالدين، امتياز علي، مظهرالدين، علي محمد ۽ ٻين دانهيندي چيو ته رتوديرو شهر ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي اهي، ڪو ماڻهو محفوظ ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close