پاڪستانسنڌ

سن ۾ پاڻي بند ڪرڻ خلاف آبادگارن جو مظاهرو، ڌرڻو

سن: سن ۾ آمري پمپنگ اسڪيم جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪرڻ ۽ سندن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف خادم ڇڇر، اڪبر ڇڇر، علي شير ڇڇر، گل حسن رند ۽ چاڪر رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. آبادگارن چيو ته اسان 30 سالن کان ٻنيون ھن پاڻي تي آباد ڪندا اچون پيا، پر آمري پمپنگ اسڪيم لڳائڻ کان پوءِ اسان جو پاڻي بند ڪري فصل سڪايا پيا وڃن، جنهن ڪري لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته آمري پوليس بااثرن جي ونگار وهندي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي. هنن اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button